• الحمدللہ محدث فورم کو نئےسافٹ ویئر زین فورو 2.1.7 پر کامیابی سے منتقل کر لیا گیا ہے۔ شکایات و مسائل درج کروانے کے لئے یہاں کلک کریں۔
  • آئیے! مجلس التحقیق الاسلامی کے زیر اہتمام جاری عظیم الشان دعوتی واصلاحی ویب سائٹس کے ساتھ ماہانہ تعاون کریں اور انٹر نیٹ کے میدان میں اسلام کے عالمگیر پیغام کو عام کرنے میں محدث ٹیم کے دست وبازو بنیں ۔تفصیلات جاننے کے لئے یہاں کلک کریں۔

قرآن جو پیغام (سندھی)

یوسف ثانی

فعال رکن
رکن انتظامیہ
شمولیت
ستمبر 26، 2011
پیغامات
2,767
ری ایکشن اسکور
5,409
پوائنٹ
562
قرآن ۽ مسلمان
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله سرود سرراڳ ۾ قرآن جي سکيا ڏيندي فرمائين ٿا ته : ڪوڙين ڀالَ ڪريمَ جا، ڪَر سهسين شڪرانا- فَاذڪُـرُوْنِـيْ اَذڪُرڪُم، ڪَهي قُرآنا- واشڪُرُوْا ليِ وَلا تڪفرون، ڪَڍ تون ڪُفرانا- حمدُ چئو حڪيمَ کي، جورَ هَڻِي جانئا- مسلمانن جي ترقيءَ ۽ پَستيءَ جي ڪَٿا وري علامه اقبال رحمة الله هن طرح بيان ڪئي آهي ته قرآن تي عمل ڪندڙ مسلمان پوري دنيا ۾ مانَ وارا هئا، پر قرآني قانونن کي ڇڏڻ سبب اهي پوري دنيا ۾ ذليل ۽ خوار بڻيا. مطلب ته جيستائين مسلمان هڪ قوم جي حيثيت سان قرآن تي عمل ڪندو رهندو ته کيس دنيا ۾ ترقي ملندي رهندي. دنيا جون مڙئي قومون سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ٻيا علم سکڻ لاءِ مسلمان ملڪن جي درسگاهن ڏانهن ائين ڪَهي اينديون هيون، جيئن اڄ جا مسلمان هن دور جا علم ۽ فن سکڻ لاءِ مغربي ملڪن ڏانهن ويندا آهن. مسلمانن جي انهيءَ ترقيءَ جي دور ۾ اڄ جو ترقي يافته يورپ اونداهين ۾ ٻُڏل هو، جنهن کي هو پاڻ به ”اونداهون دور“ جي نالي سان ياد ڪري ٿو. مسلمانن جو زوال ان وقت کان شروع ٿيو، جڏهن اهي قرآن کان پري ٿيندا ويا. ان جي اُبتڙ اها به حقيقت آهي ته مغربي قومون انهيءَ وقت تائين اونداهين ۾ ٻُڏل رهيون، جيستائين هو پنهنجي مذهب سان ڳنڍيل رهيون، پر جڏهن هنن پنهنجي اڻپوري مذهب کي دنيائي معاملن کان الڳ ڪيو ته هو ترقي ڪنديون رهيون. انهن کي ڏسندي اسان مسلمانن به پنهنجن دنيائي معاملن کي پنهنجي دين کان الڳ ڪري ڇڏيو، جنهن جو نتيجو اسان جي آڏو آهي. اسين ويتر پنهنجي دين کان پري ٿيندا وياسين ۽ زوال جي اونهي کڏ ۾ ڪرندا وياسين. انهيءَ ڪري هن ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته اسين مسلمان قوم هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجا مڙئي ناتا قرآن سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪريون.
اسين مسلمان توڙي ڪهڙي به مسلڪ سان واسطو رکندا هجون، قرآن تي ضرور ايمان رکون ٿا. اسين صبح شام قرآن ته پڙهندا آهيون، پر عربي نه ڄاڻڻ سبب انهن کي سمجهي نٿا سگهون. ”قرآن جو پيغام“ کي انهيءَ ڪري ڇپايو ويو آهي ته جيئن عام مسلمان پڻ قرآن ذريعي اسلام جي اصل روح کي پروڙي سگهن. اهو چوڻ بلڪل غلط آهي ته قرآن کي سمجهڻ هرهڪ مسلمان جي وس جي ڳالهه ناهي، ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ جو فرمان آهي: بيشڪ اسين هن قرآن کي نصيحت لاءِ آسان بڻايو آهي، پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟ (القمر: 17) الله تعاليٰ نبي ڪريم ﷺ کي سموري انسانيت لاءِ استاد بڻائي موڪليو آهي. صحابہ ڪرام پاڻ سڳورن ﷺ کان ئي دين سکيو. انهيءَ ڪري اسان به قرآن ۽ حديث ذريعي اسلامي علم سکي سگهون ٿا. ”قرآن جو پيغام“ ٻين ترجمن ۽ تفسير جي مقابلي ۾ پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ نهايت آسان آهي. هن ۾ هر سيپاري جي مڙني آيتن کي مختلف پيرائن ۾ ورڇي، ننڍا عنوان قائم ڪيا ويا آهن ۽ سيپاري جي شروع ۾ اهڙن سمورن عنوانن جي فهرست پڻ ڏني وئي آهي. هر پئراگراف جي آخر ۾ سورت ۽ آيت جو حوالو پڻ لکيو ويو آهي، ته جيئن ڪنهن آيت جو مطلب سمجهه ۾ نه اچي ته ان حوالي سان قرآن جي اصل عربي متن کي ڏسي ان جو ترجمو ۽ تفسير پڙهي سگهجي يا ڪنهن عالم سان رجوع ڪري سگهجي. عربي متن نه هئڻ سبب هن کي وضوءَ کان سواءِ پڻ دفتر ۾، گهر ۾ يا سفر دوران آسانيءَ سان پڙهي سگهجي ٿو.
آخر ۾ پڙهندڙن کان گذارش آهي ته هن ڪتاب ۾ جيڪڏهن ڪٿي پروف جي ڪا غلطي نظر اچي ته اسان کي آگاهه ڪن ته جيئن ان کي ايندڙ ڇاپي ۾ درست ڪري سگهجي. ”قرآن جو پيغام“ جي ڇپائيءَ کان پوءِ انشاءَ الله تمام جلد ”حديث جو پيغام“ پڻ شايع ٿيندو. واضح رهي ته هنن ٻنهي ڪتابن جو اردو ڇاپو اڳ ۾ ئي ڇپجي چڪو آهي ۽ انهن جي انگريزي ڇاپي تي پڻ ڪم هلي رهيو آهي. دنيا ۾ مسلم امت جي ڪاميابي، آخرت ۾ جهنم کان ڇوٽڪاري ۽ جنت ۾ داخلا جو دارومدار قرآن کي سمجهي پڙهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ ۾ پوشيده آهي. ڌڻيءَ در دعا آهي ته هو اسان سڀني کي قرآن پڙهڻ، سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (يوسف ثاني مؤلف)
 

یوسف ثانی

فعال رکن
رکن انتظامیہ
شمولیت
ستمبر 26، 2011
پیغامات
2,767
ری ایکشن اسکور
5,409
پوائنٹ
562
السلام علیکم و رحمۃاللہ و برکاتہ
الحمد للہ پیغام قرآن کا سندھی ورژن " قرآن جو پیغام" مکمل ہوگیا ہے۔ دلچسپی رکھنے والے خواتین و حضرات کتاب کا برقی نسخہ فیس بک کے ذیل کے پیغام قرآن صفحہ سے ڈاؤن لوڈ کرسکتے ہیں۔ اگر آپ کو سندھی زبان سے واقفیت نہیں ہے تب بھی آپ اسے ڈاؤن لوڈ کرکے اپنے سندھی دوست احباب کو ای میل کرکے اپنا دینی فریضہ ادا کرکےثواب حاصل کرسکتے ہیں۔ واضح رہے کہ عموما" لوگ اپنی زبان میں ملنے والے اس قسم کے تحفہ کو قدر کی نگاہ سے دیکھتے ہیں۔ طالب دعا
Paigham-e-Quran o Hadis | Facebook
 
شمولیت
فروری 01، 2017
پیغامات
3
ری ایکشن اسکور
0
پوائنٹ
3
قرآن ۽ مسلمان
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله سرود سرراڳ ۾ قرآن جي سکيا ڏيندي فرمائين ٿا ته : ڪوڙين ڀالَ ڪريمَ جا، ڪَر سهسين شڪرانا- فَاذڪُـرُوْنِـيْ اَذڪُرڪُم، ڪَهي قُرآنا- واشڪُرُوْا ليِ وَلا تڪفرون، ڪَڍ تون ڪُفرانا- حمدُ چئو حڪيمَ کي، جورَ هَڻِي جانئا- مسلمانن جي ترقيءَ ۽ پَستيءَ جي ڪَٿا وري علامه اقبال رحمة الله هن طرح بيان ڪئي آهي ته قرآن تي عمل ڪندڙ مسلمان پوري دنيا ۾ مانَ وارا هئا، پر قرآني قانونن کي ڇڏڻ سبب اهي پوري دنيا ۾ ذليل ۽ خوار بڻيا. مطلب ته جيستائين مسلمان هڪ قوم جي حيثيت سان قرآن تي عمل ڪندو رهندو ته کيس دنيا ۾ ترقي ملندي رهندي. دنيا جون مڙئي قومون سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ٻيا علم سکڻ لاءِ مسلمان ملڪن جي درسگاهن ڏانهن ائين ڪَهي اينديون هيون، جيئن اڄ جا مسلمان هن دور جا علم ۽ فن سکڻ لاءِ مغربي ملڪن ڏانهن ويندا آهن. مسلمانن جي انهيءَ ترقيءَ جي دور ۾ اڄ جو ترقي يافته يورپ اونداهين ۾ ٻُڏل هو، جنهن کي هو پاڻ به ”اونداهون دور“ جي نالي سان ياد ڪري ٿو. مسلمانن جو زوال ان وقت کان شروع ٿيو، جڏهن اهي قرآن کان پري ٿيندا ويا. ان جي اُبتڙ اها به حقيقت آهي ته مغربي قومون انهيءَ وقت تائين اونداهين ۾ ٻُڏل رهيون، جيستائين هو پنهنجي مذهب سان ڳنڍيل رهيون، پر جڏهن هنن پنهنجي اڻپوري مذهب کي دنيائي معاملن کان الڳ ڪيو ته هو ترقي ڪنديون رهيون. انهن کي ڏسندي اسان مسلمانن به پنهنجن دنيائي معاملن کي پنهنجي دين کان الڳ ڪري ڇڏيو، جنهن جو نتيجو اسان جي آڏو آهي. اسين ويتر پنهنجي دين کان پري ٿيندا وياسين ۽ زوال جي اونهي کڏ ۾ ڪرندا وياسين. انهيءَ ڪري هن ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته اسين مسلمان قوم هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجا مڙئي ناتا قرآن سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪريون.
اسين مسلمان توڙي ڪهڙي به مسلڪ سان واسطو رکندا هجون، قرآن تي ضرور ايمان رکون ٿا. اسين صبح شام قرآن ته پڙهندا آهيون، پر عربي نه ڄاڻڻ سبب انهن کي سمجهي نٿا سگهون. ”قرآن جو پيغام“ کي انهيءَ ڪري ڇپايو ويو آهي ته جيئن عام مسلمان پڻ قرآن ذريعي اسلام جي اصل روح کي پروڙي سگهن. اهو چوڻ بلڪل غلط آهي ته قرآن کي سمجهڻ هرهڪ مسلمان جي وس جي ڳالهه ناهي، ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ جو فرمان آهي: بيشڪ اسين هن قرآن کي نصيحت لاءِ آسان بڻايو آهي، پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟ (القمر: 17) الله تعاليٰ نبي ڪريم ﷺ کي سموري انسانيت لاءِ استاد بڻائي موڪليو آهي. صحابہ ڪرام پاڻ سڳورن ﷺ کان ئي دين سکيو. انهيءَ ڪري اسان به قرآن ۽ حديث ذريعي اسلامي علم سکي سگهون ٿا. ”قرآن جو پيغام“ ٻين ترجمن ۽ تفسير جي مقابلي ۾ پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ نهايت آسان آهي. هن ۾ هر سيپاري جي مڙني آيتن کي مختلف پيرائن ۾ ورڇي، ننڍا عنوان قائم ڪيا ويا آهن ۽ سيپاري جي شروع ۾ اهڙن سمورن عنوانن جي فهرست پڻ ڏني وئي آهي. هر پئراگراف جي آخر ۾ سورت ۽ آيت جو حوالو پڻ لکيو ويو آهي، ته جيئن ڪنهن آيت جو مطلب سمجهه ۾ نه اچي ته ان حوالي سان قرآن جي اصل عربي متن کي ڏسي ان جو ترجمو ۽ تفسير پڙهي سگهجي يا ڪنهن عالم سان رجوع ڪري سگهجي. عربي متن نه هئڻ سبب هن کي وضوءَ کان سواءِ پڻ دفتر ۾، گهر ۾ يا سفر دوران آسانيءَ سان پڙهي سگهجي ٿو.
آخر ۾ پڙهندڙن کان گذارش آهي ته هن ڪتاب ۾ جيڪڏهن ڪٿي پروف جي ڪا غلطي نظر اچي ته اسان کي آگاهه ڪن ته جيئن ان کي ايندڙ ڇاپي ۾ درست ڪري سگهجي. ”قرآن جو پيغام“ جي ڇپائيءَ کان پوءِ انشاءَ الله تمام جلد ”حديث جو پيغام“ پڻ شايع ٿيندو. واضح رهي ته هنن ٻنهي ڪتابن جو اردو ڇاپو اڳ ۾ ئي ڇپجي چڪو آهي ۽ انهن جي انگريزي ڇاپي تي پڻ ڪم هلي رهيو آهي. دنيا ۾ مسلم امت جي ڪاميابي، آخرت ۾ جهنم کان ڇوٽڪاري ۽ جنت ۾ داخلا جو دارومدار قرآن کي سمجهي پڙهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ ۾ پوشيده آهي. ڌڻيءَ در دعا آهي ته هو اسان سڀني کي قرآن پڙهڻ، سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (يوسف ثاني مؤلف)

جزاڪ اللّٰه ،
ادا يوسف ،
 

ابن داود

فعال رکن
رکن انتظامیہ
شمولیت
نومبر 08، 2011
پیغامات
3,417
ری ایکشن اسکور
2,730
پوائنٹ
556
السلام علیکم ورحمۃ اللہ وبرکاتہ!
@یوسف ثانی بھائی اور @Abdul raheem chandio بھائی! سندھی فونٹ تلاش کریں، کہ جسے فورم پر لگایا جاسکے، تاکہ سندھی درست طریقہ سے پڑھی جاسکے!
 

مظاہر امیر

مشہور رکن
شمولیت
جولائی 15، 2016
پیغامات
1,426
ری ایکشن اسکور
409
پوائنٹ
190
الفاتحه
سوره فاتحه مڪي ۾ لٿي ۽ هي ست آيتون آهي
الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان ( شروع )
1. سڀ ساراھ (خاص) جھانن جي پالڻھار الله کي جڳائي.
2. (جو) ٻاجھارو مھربان.
3. قيامت جي ڏينھن جو مالڪ (آھي).
4. تنھنجي ئي عبادت ڪيون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گھرون ٿا.
5. اسان کي سڌي واٽ ڏيکار.
6. جا انھن جي واٽ آھي جن تي فضل ڪيو اٿئي.
7. نه انھن جي (واٽ) جن تي ( تنھنجو) ڏمر ٿيل آھي ۽ نه گمراھن جي (واٽ).
 
Top