• الحمدللہ محدث فورم کو نئےسافٹ ویئر زین فورو 2.1.7 پر کامیابی سے منتقل کر لیا گیا ہے۔ شکایات و مسائل درج کروانے کے لئے یہاں کلک کریں۔
  • آئیے! مجلس التحقیق الاسلامی کے زیر اہتمام جاری عظیم الشان دعوتی واصلاحی ویب سائٹس کے ساتھ ماہانہ تعاون کریں اور انٹر نیٹ کے میدان میں اسلام کے عالمگیر پیغام کو عام کرنے میں محدث ٹیم کے دست وبازو بنیں ۔تفصیلات جاننے کے لئے یہاں کلک کریں۔

سنڌ جو ھيرو ڪير؟ محمد بن قاسم يا راجہ ڏاھر؟

شمولیت
اکتوبر 18، 2018
پیغامات
4
ری ایکشن اسکور
0
پوائنٹ
3
سنڌ جو ھيرو ڪير؟ محمد بن قاسم يا راجہ ڏاھر؟
تحرير........ ابو طلحہ سنڌي
اڄڪلھ سوشل ميڊيا تي محمد بن قاسم ۽ راجہ ڏاھر جي باري ۾ تمام گھڻا بحث مباحثا ٿيندا رھن ٿا اسان جا مذھبي دوست محمد بن قاسم کي پنھنجو ھيرو سمجھن ٿا جڏھن تہ سنڌي قوم پرست دوست راجہ ڏاھر کي نہ صرف پنھنجو ھيرو بلڪ شھيد جو رتبو پڻ ڏين ٿا،
اسان جا مذھبي دوست محمد بن قاسم کي ھيرو چوڻ جو دليل عام طور تي اھو پيش ڪندا آھن تہ سندس جي ذريعي ئي سنڌ ۾ اسلام داخل ٿيو جڏھن تہ حقيقت جي نظر سان ڏٺو وڃي تہ محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي اسلام سنڌ ۾ داخل ٿي چڪو ھيو تنھن ڪري اھو چوڻ تہ محمد بن قاسم ئي سنڌ ۾ اسلام جو پيغام پھچايو ۽ اھو ئي سنڌ ۾ اسلام جو پھريون مبلغ آھي بلڪل درست نہ ٿيندو،
البتہ محمد بن قاسم سنڌ کي فتح ڪري اسلامي سلطنت ۾ داخل ڪيو ۽ انھي سبب جي ڪري ئي کيس ھيرو ۽ فاتحِ سنڌ جو لقب ڏنو وڃي ٿو ۽ سنڌ جي فتح سبب ئي برصغير جا باقي علائقا بہ اسلامي سلطنت جو حصو بڻيا انھي ڪري سنڌ کي باب الاسلام چيو وڃي ٿو..
جڏھن تہ قوم پرست راجہ ڏاھر کي ھيرو ۽ شھيد چوڻ جو دليل اھو پيش ڪندا آھن تہ ھن پنھنجي ننگن ۽ دنگن جي حفاظت ڪندي پنھنجو سر قربان ڪيو ۽ شھيد ٿيو..
پھرين ڳالھ تہ شھيد ھڪ خالصتاً اسلامي اصطلاح آھي ڪنھن ٻئي مذھب ۾ شھادت جو ڪو تصور ئي ناھي جيڪڏھن ڪنھن ٻئي مذھب وارا پنھنجن ھيرن کي شھيد چون ٿا تہ اھو بہ مسلمانن کان ٻڌي ۽ نقل ڪري چون ٿا انھن جي پنھنجي مذھب ۾ اھا اصطلاح بلڪل بہ رائج نہ آھي..
۽ شھادت جو رتبو حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ کان پھريون شرط ئي ايمان آھي يعني مسلمان ٿيڻ آھي ايمان کان بغير ڪو شھيد ٿي ئي نہ ٿو سگھي جڏھن تہ راجہ ڏاھر غير مسلم ھندو راجہ ھيو تنھن ڪري راجہ ڏاھر کي شھيد چوڻ يا سمجھڻ نہ صرف غلط بلڪ علمي خطا ۽ جھالت آھي.. قوم پرست دوستن کي گذارش آھي تہ راجہ ڏاھر کي ٻيو جيڪو چاھي لقب ڏيو ليڪن شھيد چوڻ بلڪل درست ناھي..
باقي جيتري تائين ننگن ۽ دنگن جي ڳالھ آھي تہ راجہ ڏاھر ننگن ۽ دنگن جي لاءِ نہ بلڪ پنھنجي سلطنت کي بچائڻ لاءِ وڙھندي قتل ٿيو اھو ئي سبب آھي جو راجہ ڏاھر جي قتل کان بعد ٻئي ڪنھن بہ سنڌي ڪا مزاحمت ڪان ڪئي بلڪہ انھن اسلامي سلطنت کي دل ۽ جان سان قبول ڪيو سنڌ جي فتح ٿيڻ کان بعد ان وقت جا سنڌي پنھنجي خوشي سان آھستي آھستي اسلام ۾ داخل ٿيندا ويا ڪنھن کي بہ زبردستي ڪلمو پڙھائي مسلمان نہ ڪيو ويو..
جيڪڏھن ان وقت جا سنڌي راجہ ڏاھر کان خوش ھجن ھا ۽ انکي پنھنجو ھيرو تسليم ڪندا ھجن ھا تہ ھو ھرگز اسلامي سلطنت کي قبول نہ ڪن ھا بلڪہ راجہ ڏاھر کان بعد بہ مزاحمت کي جاري رکن ھا، ليڪن انھن ائين نہ ڪيو جنھن مان ثابت ٿو ٿئي تہ ان وقت جا سنڌي راجہ ڏاھر مان بلڪل بہ خوش ڪون ھيا.
جيڪڏھن ان وقت ڪمزوري سبب مزاحمت نہ پيا ڪري سگھيا تہ بعد ۾ تہ ڪن ھا ليڪن صديون گذري ويون ڪڏھن بہ انھن اسلامي سلطنت خلاف مزاحمت ڪان ڪئي نہ وري راجہ ڏاھر کي ھيرو سمجھي ورسي ملھائي کيس خراج تحسين پيش ڪئي..
ليڪن اڄ جي قوم پرست سنڌين جي دلين ۾ صدين گذرڻ بعد خبر ناھي ڪھڙي سبب راجہ ڏاھر جي محبت پيدا ٿي آھي جو انکي پنھنجو ھيرو بہ سمجھن ٿا ۽ ورسي بہ ملھائن ٿا ۽ شھادت جو رتبو بہ ڏين ٿا،
ان وقت جا سنڌي راجہ ڏاھر جي ڪارنامن کان وڌيڪ واقف ھئا يا اڄ جا سنڌي وڌيڪ واقف آھن؟
چلو ان وقت جي سنڌين کي ڇڏيو بعد ۾ جيڪي سنڌي پيدا ٿيا صديون گذري ويون ڪڏھن ڪنھن راجہ ڏاھر کي ھيرو سمجھيو؟ ڪڏھن ورسي ملھائي؟ ڪنھن شھيد چيو؟
شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست،
مخدوم بلاول، ھوش محمد شيدي، سائين سورھيہ بادشاھ وغيرہ جن تي اسان سنڌي فخر ڪندا آھيون انھن مان ڪنھن ھڪ بہ راجہ ڏاھر جي ڪا تعريف ڪئي؟ ڪڏھن ورسي ملھائي؟ انکي پنھنجو ھيرو تسليم ڪيو؟ ان جي لاءِ شھيد جو لفظ استعمال ڪيو؟
تنھن ڪري پنھنجي مسلمان سنڌي قوم پرست ڀائرن کي گذارش ڪندس تہ توھان ڀلي محمد بن قاسم کي پنھنجو ھيرو تسليم نہ ڪيو ڇو تہ اسان مسلمانن جو سڀ کان پھريون ھيرو، قائد ۽ رھبر محمد بن قاسم نہ بلڪ محمد بن عبداللہﷺ آھن ليڪن راجہ ڏاھر جھڙي ماڻھو کي پنھنجو ھيرو مڃي سنڌي قوم کي نہ لڄايو..
باقي رھيو قوم پرستن جو اھو اعتراض تہ محمد بن قاسم سنڌي نياڻين کي ٻانھيون بڻائي انھن جي عزت کي تارتار ڪيو ۽ سنڌ مان سوين مڻ سون وغيرہ لُٽي عربستان پھچايو،
ان جي جواب ۾ مان اھو چوندس تہ ڇا اھي عام سنڌي نياڻيون ھيون يا جنگ ۾ شريڪ راجہ ڏاھر جون ڌيئريون ھيون؟
يقيناً اھي راجہ ڏاھر ۽ ان جي سپاھين جون عورتون ھيون جيڪي جنگ ڪري رھيا ھئا
۽ ان وقت پوري دنيا ۾ رائج جنگي قانون مطابق ئي انھن کي بانديون بڻايو ويو ڇو تہ ان وقت جنگن ۾ ائين ٿيندو ھيو جن کي شڪست ايندي ھئي انھن جي مال کي مالِ غنيمت بڻايو ويندو ھو ۽ انھن جي عورتن کي بانديون(ٻانھيون) بڻايو ويندو ھو..
جيڪڏھن ان جنگ ۾ راجہ ڏاھر کي فتح ٿئي ھا تہ يقيناً اھو بہ ائين ئي ڪري ھا مسلمانن جي مال کي مال غنينت بڻائي ھا، جيڪڏھن انھن سان گڏ عورتون ھجن ھا تہ انھن کي باندي بڻائي ھا،
راجہ ڏاھر ۽ ان سان گڏ جنگ ڪندڙ ماڻھن کان علاوہ محمد بن قاسم ٻئي ڪنھن بہ سنڌي کي ڪو نقصان ڪون پھچايو ۽ ان وري انھن کان علاوہ ڪنھن ٻئي سنڌي جي نياڻين کي باندي بڻايو تنھن ڪري اھو اعتراض ئي اجايو آھي..
 
Top